ڪراچي (اين اين آءِ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته ڪراچي کي بدقسمتي سان ڪو اون نٿو ڪري، امن امان بحال ٿيڻ سان ڪاروبار تيز ٿيو آهي، شهر ۾ جٽادار امن لاءِ تعصب جو خاتمو ضروري اهي ۽ سخت پوليسنگ سان ڪراچي جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهي، رمضان ۾ پينو فقيرن وانگر ڏوهاري ماڻهو به ڪراچي اچن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڱاري تي ايف پي سي سي آءِ جي دوري جي موقعي تي تاجر ۽ صنعتڪارن خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، بزنس ڪميونٽي ۽ امن جو سڌو سنئون لاڳاپو آهي، ڪراچي ۾ هي چوٿون اپريشن هيون، پوليس ۽ رينجرز امن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڪراچي ۾ تعصب ۾ ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي، هتي سڀ کان وڌيڪ زمينن تي قبضو نظر اچي ٿو، لساني بنياد تي قتل ٿئي ٿو ته ان جي رد عمل کي روڪڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي وڃي ٿو، هن چيو ته رمضان ۾ پينو فقيرن وانگر ڏوهاري به ڪراچي پهچن ٿا پر هاڻ اسان سنڌ جي ٻين شهرن ۽ پنجاب سان رابطي ۾ آهيون، صوبن جا رابطا ڏوهاري ماڻهن بابت آهن، اي ڊي خواجه چيو ته جوابدار شاهد نه هجڻ ڪري 3 مهينن ۾ ازاد ٿي ٻاهر اچن ٿا، جڏهن ته موبائيل فون کسڻ جي ايف آءِ آر ناهي ٿيندي، هن چيو ته ڪراچي پورٽ تي ڪم ٿي رهيو آهي، مال ڪڍڻ لاءِ روڊ جي گنجائش نه آهي، عدالت آئل ٽِنڪرز کي شهر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ته هنن هڙتال ڪئي، ڪراچي جي شهرين جي دماغ ۾ تعصب جو زهر وڌو ويو، شهر ۾ جٽادار امن لاءِ تعصب جو خاتمو ضروري اهي، هي پهريون اپريشن نه ڪراچي ۾ اڳ به ڪتترائي ٿي چڪا آهن، آخر ڇو ڪراچي ۾ مسلسل آپريشن جي ضرورت پوي ٿي، سخت پوليسنگ سان ڪراچي جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن، هن چيو ته شهر ۾ هر هنڌ ننڍڙيون ننڍيون مافياز موجود آهن، معاشي سرگرمين سبب ڏوهاري ڪراچي اچن ٿا، پنجاب ۽ سنڌ پوليس 15 لک ڏوهارين جو رڪارڊ تيار يو آهي، آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار 27 هزار، جڏهن ته لاهور ۾ 28 هزار آهن، ڪراچي ۾ 7 کان 8 هزار نوان اهلڪار ڀرتي ڪيا ويا آهن، شهر جي انفرا اسٽڪچر ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، ڊيپ سي پورٽ ته ٺهي ويو پر انفرا اسٽرڪچر لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، لاهو جو سيف سٽي پراجيڪٽ ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو، لاهور جي ڊولفن فورس هڪ جديد فورس آهي جيڪا بهتر ڪم ڪري رهي آهي.