ڪراچي(م ڊ) شهر جي مختلف علائقن ۾ کير وڪرو ڪندڙن جي هٽ ڌرمي جاري آهي ۽ عوام 100 رپيا في ليٽر کير خريدڻ تي مجبور آهي. سپريم ڪورٽ طرفان کير جي پيداوار لاءِ مينهن کي ٽُڪا لڳائڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ کان پوءِ کير وڪرو ڪندڙ قيمتن ۾ واڌ جو مطالبو ڪري رهيا آهن جنهن لاءِ گذريل ڏينهن سڄي شهر ۾ هڙتال به ڪئي وئي ۽ کير جا دڪان بند ڪيا ويا. ڪراچي ۾ اڄ کير وڪرو ڪندڙن هڙتال ته ختم ڪري ڇڏي پر قيمتن تي عوام حڪومتي نااهلي جي ڪري اڄ به کير وڪرو ڪندڙن جي رحم ۽ ڪرم تي آهي. شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ کير 100 رپيا في ليٽر وڪرو ڪيو پيو وڃي جنهن تي شهرين سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ۽ حڪومت کان کير جا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.