ڪراچي کان ڪشمور تائين پوري سنڌ ۾ ثقافتي عيد، هر پاسي ٽوپي ۽ اجرڪ جا رنگ

ڪراچي (م ڊ ) سنڌي ميڊيا گروپ سميت سموري سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي سڏ تي اڄ 2 ڊسمبر تي سنڌ واسين جي ثقافتي عيد ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويو، سڄي سنڌ ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ڀرپور تياريون ڪيون ويون، ڪراچي کان ڪشمور تائين ” تعليم پرايو، ثقافت بچايو “ جي عنوان سان پروگرام رٿيا ويا ننڍا توڙي وڏا ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ پرجوش آهن. ان سلسلي ۾ سنڌي ميڊيا گروپ طرفان پڻ منجهند 2 وڳي عوامي آواز ميڊيا گروپ جي هيڊ آفيس کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اديبن، ليکڪن، صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ شرڪت ڪئي. هوڏانهن ڪالهه ڇنڇر ڏهاڙي پڻ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي هيڊ آفيس ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. ان موقعي تي روزاني عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر ناصر خٽڪ، زلف پيرزادو، زرار پيرزادو، سارنگ زين چانڊيو، يوسف سيف، رزاق عاصي ۽ عنايت پيرزادي سميت سٿ جي سمورن ساٿين کي ٽوپيون ۽ اجرڪ اوڍايا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *