اسلام آباد(بيورو) حڪومت جي يو آءِ ف جي اڳواڻ مفتي ڪفايت الله جي خلاف فوج مخالف بيان بازي تي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وزير اعظم ترجمانن کي فوج مخالف نظريي تي موثر جواب ڏيڻ جي هديات ڪري ڇڏي.وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ موجوده سياسي صورتحال، خاص ڪري پي ڊي ايم تحريڪ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مفتي ڪفايت الله خلاف فوج مخالف بيان بازي تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت مفتي ڪفايت الله جي خلاف فوج مخالف بيان بازي تي ڪيس داخل ڪندي.وزير اعظم عمران خان ترجمانن کي هدايت ڪئي ته فوج مخالف نظريي تي موثر جواب ڏنووڃي. مولانا فضل الرحمان اثاثا ڪيئن ۽ ڪيترا ٺاهيا عوام کي آگاهه ڪيو وڃي.پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ادارن تي آڱريون کڻندڙ ڪنهن به صورت جمهوريت جا علمبردار نٿا ٿي سگهن، رياست پنهنجو ڪم جاري رکندي، وزير اعظم عمران خان جون بابر اعواڻ سان ملاقات دوران ڳالهيون، ملاقات دوران آئيني، قانوني ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي وئي، وزير اعظم پي ڊي ايم جي حڪومت مخالف تحريڪ بابت حڪمت عملي طئه ڪرڻ لاءِ اڄ پارٽي اڳواڻن ۽ ترجمانن جو هنگامي اجلاس به اڄ طلب ڪري ورتو.وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي کان پشاور تائين 1872 ڪلو ميٽر ڊگهي ريلوي ٽريڪ ايم ايل ون منصوبي سان ملڪي صنعت ترقي ڪندي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.وزير اعظم جي صدارت هيٺ سي پيڪ جي تحت ايم ايل ون منصوبي جي جائزي وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عمران خان کي منصوبي جي باري ۾ ۽ موجوده اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.منصوبي تي هن وقت تائين جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزير اعظم ايم ايل ون منصوبي کي پاڪ چين دوستي جو هڪ شاندار مثال قرار ڏنو.هن چيو ته منصوبي سان پاڪستان ۾ عالمي معيار جو جديد ڪميونيڪيشن انفراسٽريچر قائم ٿيندو. منصوبي سان پاڪستان جي برآمدات عالمي منڊين ۾ پهچي سگهندي ۽ قيمتي ناڻي جي مٺا سٽا ٿيندي.وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس کي ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي ريلوي طرفان ايم ايل ون منصوبي جي انٽيگريشن پلان کان آگاهه ڪيو.