ڪراچي کان وڌيڪ ڏوهه ته آمريڪا ۾ ٿيندا آهن: سهيل انور سيال

ڪراچي( م ڊ ) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته ڪراچي کان وڌيڪ ڏوهه ته آمريڪا ۾ ٿيندا آهن. صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال سي ويو جو دورو ڪيو ۽ موٽرسائيڪل ريسنگ ڪندڙن خلاف پوليس جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو ته آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائم ڪراچي کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته ڪراچي جي آبادي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته ماڻهو اڄ به پوليس اسٽيشن وڃڻ کان گهٻرائين ٿا، سوشل ميڊيا ٽيم ٺاهي آهي ان ذريعي جيڪڏهن ڪنهن جي شڪايت ختم ٿي ته سٺو هوندو. سندس چوڻ هو ته والدين پنهنجي ٻارڙن تي نظر رکن ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ مدد ڪن، ريس لڳائيندڙ، ڪارن شيشن وارين گاڏين ۽ ون ويلنگ ڪندڙن خلاف قلم 144 لاڳو آهي، سندن خلاف ڪارروايون اڳ ئي جاري آهن پر هاڻي سختي ڪئي پئي وڃي، سندن ڪاررواين سان هڪ به حياتي بچي وئي ته اسان سمجهنداسين ته ڪامياب ٿي وياسين. صوبائي گهرو وزير چيو ته رڳو دو دريا نه پر سموري شهر ۾ ون ويلنگ تي پابندي آهي، ڪنهن موٽرسائيڪل جي رفتار وڌائڻ لاءِ تبديلي نه ڪئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *