ڪراچي: پوليس جي پي آءِ بي ڪالونيءَ ۾ ڪارروائي، 4 ڄڻا گرفتار، منشيات ۽ هٿيار هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليس پي آءِ بي ڪالونيءَ ۾ ڪارروائي ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب پوليس ڪراچيءَ جي علائقي پي آءِ بي ڪالونيءَ ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران درويش گروپ جي ٻن شوٽرن سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس پڌرائيءَ موجب جوابدار غلام مرتضيٰ ۽ محمد حسن وٽان 2 ڪلو چرس ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جوابدارن جو تعلق لياري گينگ وار درويش ۽ احمد علي مگسي گروپ سان آهي

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *