ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌڻ کان پوءِ پوليس به حرڪت ۾ اچي ويئي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري منسيات فروش اسٽريٽ ڪرمنل سميت 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار منشيات موٽر سائيڪلون هٿ ڪري ورتيون ۽ ڪيس داخل ڪري ورتا جوابدارن کان جاچ شروع ڪئي ويئي آهي تفصيل موجب سهراب ڳوٺ پوليس ايوب ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ آپريسن ڪري جوابدار مولاداد، جهانگير بلوچ، نسيم ۽ قدير کي گرفتار ڪري هٿيار منشيات ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪري ورتيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڊاڪس مڇر ڪالوني ۾ ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪري ٽيڪسي ڊرائيور کي ساٿي فراز سميت گرفتار ڪري منشِات جي وڏي کيپ پڪڙي ورتي ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار بدنام گينگسٽر ماما يعقوب جا ڇاڙتا آهن چاڪيواڙا ٿاڻي جي ايس ايڇ او شاهد تاج سنگولين مان منشيات فروش حارث بلوچ کي گرفتار ڪري منشيات جو وڏو انگ پڪڙي ورتو پوليس موجب جوابدار گينگ وار جوابدار بهادر پي ايم ٽي جو ساٿاري آهي ۽ ڳجي اطلاع تي علائقي ۾ منشيات هول سيل ڪري رهيو هو عزيزآباد پوليس شهرين کان ڦر ڪندڙ جوابدار نظير کي گرفتار ڪيو هٿيار ۽ ڦر ڪيل موبائيل فون هٿ ڪري ورتا.