ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير جي سڌسماءِ واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي پيرس ڪلب جي صدر امتياز فاران تي پي ٽي آءِ اڳواڻ جي حملي جي مذمت ڪيون ٿا پيپلزپارٽي صحافين جي بنيادي حقن کي هميشه تسليم ڪيو آهي تحريڪ انصاف جو اهو رويو ماضي ۾ به اهڙي طرح جو هو بدتميزي ۽ گارين جو رجحان جي ڏور پي ٽي آءِ قيادت سان ملي ٿي عمران خان نيازي پنهنجي گريبان ۾ نظر وجهي اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر کي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته وفاقي حڪومت اڃا تائين بجيٽ پاس نه ڪرائي سگهي آهي بلاول ڀٽو جي بيان سان هاڻي پاڻ پي ٽي آءِ جا پنهنجا اڳواڻ بيهي رهيا آهن پي ٽي آءِ جا باشعور ليڊر عوام جي ترجماني ڪندي مسئلن تي آواز بلند ڪن. تحريڪ انصاف ۽ هڪ ٻي مني بجيٽ جي تياري شروع ڪئي آهي وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ پگهار واري طبقي تي ٽيڪس وڌائي ڇڏيو آهي. اها ڪهڙي مديني جي رياست آهي جو غريبن کان ٽيڪس ۽ اميرن کي ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني پئي وڃي. هن چيو ته گذريل 10 مهينن ۾ تحريڪ انصاف جي ناڪام حڪومت 11 ارب ڊالر جو قرض ورتو آهي خانصاحب پنهنجي حڪومت جي به جاچ ڪري ۽ جاچ پنهنجي گهر کان شروع ڪري هو ٻين تي الزام لڳائي ٿو جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ پي ٽي آءِ جي بئنڪ اڪائونٽس جي تفصيل جاري ڪئي آهي پي ٽي آءِ جا 18 بئنڪ اڪائونٽس ظاهر نه آهن اها ڪهڙي مني لانڊرنگ ان بئنڪ اڪائونٽ جي ذريعي ٿي رهي هئي مرتضيٰ وهاب چيو ته نيازي توهان ڪرڪيٽ ٽيم کي مشورو ڏيڻ کان پاسو ڪيو توهان وٽ عوام کي ڏکيائي مان ڪڍڻ لاءِ ڪابه ايجنڊا نه آهي اسان جي لاءِ شبر زيدي صاحب احترام جوڳي شخصيت آهي پيشي جي حساب سان شبر زيدي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي ماضي ۾ شبر زيدي وڏين ڪمپنين کي ٽيڪس جي ڇوٽ جي حوالي سان ترغيب ڏي مرتضيٰ وهاب صحافين جي هڪ وفد سان سنڌ اسيمبلي ۾ ملاقات ڪئي ۽ کين ڪراچي پريس ڪلب جي صدر امتياز فاران تي پي ٽي آءِ اڳواڻ مسرور سيال جي تشدد واري واقعي کان آگاهه ڪندي پنهنجو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو.