ڪراچي واسين کي 25 ڊسمبر تي پاڻيءَ بابت خوشخبري ملندي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار سڄي ملڪ ۾ ننڍن ڊيمن جا تفصيل طلب ڪندي چيو آهي ته ڪراچي واسين کي 25 ڊسمبر تي پاڻي بابت خوشخبري ملندي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ڍڍوچا ڊيم جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران هن سڄي ملڪ ۾ ننڍن ڊيمن جا تفصيل طلب ڪري ورتا ۽ اٽارني جنرل کي ڊيمن جي ڄاڻ هڪ هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ پاڻي بابت 25 ڊسمبر تي خوشخبري ملندي، ڪراچي ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽس تي تيزي سان ڪم جاري آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته ڊيم ٺاهڻ عدالتن جو ڪم ناهي، حالتن جي سنگيني سبب مداخلت ڪري رهيا آهيون، ڊيمن جي تعمير جو حڪم ڏيڻ کان اڳ 3 مهينا ماهرن کان راءِ ورتي. هن 17 آڪٽوبر تي بحريا ٽائون ۽ پنجاب حڪومت کان ڍڍوچا ڊيم بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ چيو ته بحريا ٽائون ۽ پنجاب حڪومت گڏجاڻي ڪري نتيجن بابت آگاهي ڏين. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڊيمن بابت هڪ شهري ترانو به ٺاهيو آهي، جنهن کي ڊيم اشتهار جو حصو بڻايو وڃي، پوءِ سپريم ڪورٽ ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *