ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي محبتون وکيرڻ وارو شهر آهي هتان جا شهري امن جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومت جو ساٿ ڏئي رهيا آهن، هن ڪراچي جي شهرين کي پڪ ڏيندي چيو ته هر ايندڙ ڏينهن تابناڪ هوندو، ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت هر قسم جو تعاون ڪندي، قومون پنهنجي اديبن سان سڃاتيون وڃن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ يارهين عالمي اردو ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عالمي اردو ڪانفرنس ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي، ڪامياب يارهين عالمي اردو ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي احمد شاه ۽ سندن ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو.هن چيو ته ڪراچي اردو ڳالهائيندڙن جو سڀ کان وڏو شهر آهي، اردو ٻولي اسان سڀني لاءِ محبت ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيندڙ رشتو آهي ۽ اها اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اردو ادب ۽ هن شهر هميشه هم آهنگي جي هوا قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، لساني فرقه پرستي جي نالي تي سياست ڪندڙن هن شهر کي سواءِ تباهي ۽ لاشن جي ڪجهه به ناهي ڏنو ۽ شهرين سڀني منفي قوتن کي رد ڪندي امن جي بحالي لاءِ اسان جو ساٿ ڏئي رهيا آهن. وڏي وزير اردو ڪانفرنس جي پليٽ فارم تان سڄي سنڌ جي شهرين کي پڪ ڏيندي چيو ته ايندڙ صبح سڀني لاءِ تابناڪ هوندي، اسان جي ڪوشش آهي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي وچ ۾ محبت جو رشتو قائم رهي، اسان ٻولين ۽ انهن جي ترقي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪريون پيا. هن چيو ته ڪراچي پاڪستان ۽ سنڌ جو سڀ کان وڏو اهم شهر آهي، انهن جي رنگن ۽ روشنين کي بحال ڪندي انهيءَ جي چمڪ واپس آڻينداسين، انهيءَ مشن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاميابي اسان حاصل ڪئي آهي ۽ ڪراچي اسان سڀني جي ڪاوشن بدولت امن شهر بڻيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي شهر م رهندڙ سمورا طبقا هم آهنگي سان رهن ٿا ۽ اسان هڪ بهتر ماحول قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون، اسان جو ٻيو سڀني کان وڏو هدف هي آهي ته ترقي جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ڏينهن رات ڪوشان آهي ۽ اوهان کي نظر پڻ اچي رهيو هوندو ته ڪيترا وڏا منصوبا ڪراچي ۾ هلندڙ آهن. وڏي وزير چيو ته پاڻي واري مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ عملي اُپاءُ ۽ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وڏي وزير شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته آرٽس ڪائونسل ڪراچي امن ۽ ثقافتي سرگرمين جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، شهر ۾ ترقياتي ڪم گذريل يارهن سالن کان ڪاميابي سان هلندڙ آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ وڏي وزير اديبن جي هن سڀ کان وڏي اجتماع کان تعاون ڪرڻ جي گذارش پڻ ڪئي. هن چيو ته اديب، شاعر ۽ فنڪار پنهنجي لفظن ۽ ڪم سان عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاهين ٿا ۽ اهي محبت ۽ برداشت جو درس پڻ ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته آرٽس ڪائونسل انهيءَ ڪم کي جاري رکندو ته آئون پنهنجي تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ڪندس. وڏي وزير شهر ۾ ايندڙ سڀني مهمانن کي ڀليڪار چوندي آرٽس ڪائونسل جي پليٽ فارم تان سندن خدمت جاري رکڻ واري عزم جو اعادو ڪيو.