ڪراچي : لائٽ هائوس ۾ قائم حددخلين خلاف آپريشن، دڪاندارن جو احتجاج

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ جاري حددخلين خلاف آپريشن دوران اڄ آرام باغ کانپوءِ لائٽ هائوس جي علائقن ۾ غيرقانوني دڪانن کي ڪيرائڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن تي دڪاندار سراپا احتجاج آهن. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن( ڪي ايم سي ) طرفان لائٽ هائوس ۽ آرام باغ جي علائقي ۾ قائم غيرقانوني تعميراتن خلاف ڪارروائي کان اڳ دڪان رضاڪاراڻي طور تي خالي ڪرائڻ جا اعلان ڪيا ويا هئا. انتظاميا دڪاندارن کي ٻن ڪلاڪن جو وقت ڏنو ۽ تنبيهه ڪندا رهيا ته مزاحمت ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو، ان موقعي تي لائٽ هائوس ۾ نالن تي قائم دڪانن جي مالڪن پنهنجو سامان ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ شروع ڪيو جڏهن ته ڪيترن ئي دڪاندارن احتجاج پڻ ڪيو. دڪاندارن دعويٰ ڪئي ته لائٽ هائوس جي مارڪيٽ 1952 کان قائم آهي ۽ اها غيرقانوني ناهي جڏهن ته دڪاندار هر ڇهين مهيني بئنڪ  ذريعي ڪي ايم سي جي مسواڙ ادا ڪندا رهندا آهن. ياد رهي ته ڪي ايم سي حددخليون ٽوڙ ڪميٽي طرفان شهر جي مختلف علائقن ۾ غيرقانوني تعميراتن کي ڊاهڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ صدر ايمپريس مارڪيٽ ۽ ڀرپاسي ۾ قائم هڪ هزار کان وڌيڪ دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن. ايمپريس مارڪيٽ ۽ ڀرپاسي ريڙها ۽ غيرقانوني دڪان ختم ڪرڻ کانپوءِ ملبو هٽايو ويو آهي جنهن کانپوءِ علائقي جي خوبصورتي واپس موٽي آئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *