ڪراچي ( م ڊ ) صدر ۾ حددخلين خلاف آپريشن اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي. صدر ۾ گذريل ڏينهن آپريشن ڪيو ۽ اڄ آپريشن جي ٻئي ڏينهن انتظاميا کي نئين سر ڪاروائي جو آغاز ڪرڻو پيو. انٽي انڪروچيمنٽ جي ٽيم ايمپريس مارڪيٽ، ريگل چوڪ، پاسپورٽ آفيس ۽ لڳاپيل روڊن تان ريڙا هٽائڻ سان گڏوگڏ دڪانن تي لڳايل سن شيڊ به ڪيرائي ڇڏيا جڏهن ته دڪانن جي ٻاهران قبضي هيٺ ڪيل جاين کي به مسمار ڪيو ويو آهي. صدر ۾ حددخلين خلاف آپريشن تي دڪاندار اڄ به سراپا احتجاج آهن جنهن سان هڪ دفعو وري صدر جي آس پاس وارن علائقن ۾ ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي آهي. ٽريفڪ پوليس موجب آپريشن سبب پريڊي چوڪ مان صدر دواخاني ڏانهن ويندڙ روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ پريڊي چوڪ کان ٽريفڪ کي گرامر اسڪول ڏانهن موڪليو پيو وڃي جڏهن ته صدر دواخاني کان ٽريفڪ کي لڪي اسٽار ڏانهن موڪليو پيو وڃي.