ڪراچي شهر مان پاڻيءَ جي کوٽ کي ختم ڪئي وڃي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي شهر مان پاڻيءَ جي کوٽ کي ختم ڪيو وڃي ۽ ضلعي اولهه ڪراچيءَ ۾ هڪ ملين گيلن پاڻي مهيا ڪيو وڃي. هن لياري ۽ شيرين جناح وارن علائقن ۾ بند آر او پلانٽس شروع ڪرائڻ جي هدايت ڏيندي سڀاڻي ڏينهن ۾ بند ٿيڻ جي رپورٽ گهرائي ورتي. اهي هدايتون هن ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي صورتحال بابت اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ فنانس ڊپارٽمينٽ جي ڪميٽي روم ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، صوبائي مڪاني ادارن وارو وزير ڄام خان شورو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر، صوبائي سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي اعجاز علي خان، ايم ڊي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ (ڪي ڊبليو ايس بي) خالد شيخ، ڪراچي ڊويزن جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل عملدار شريڪ هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏيندي صوبائي مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري ٻڌايو ته ڪراچيءَ کي پاڻي سپلائي جا ٻه اهم ذريعا ڪينجهر ۽ حب ڊيم آهن ۽ ٽي پمپنگ اسٽيشن ڌاٻيجي، گهارو ۽ حب شامل آهن. عام طور تي سنڌو درياهه مان 550 ايم جي ڊي ۽ حب مان 100 ايم جي ڊي پاڻي ملندو آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچيءَ جي آبادي 17 ملين آهي ۽ پاڻيءَ جي گهرج 918 ايم جي ڊي آهي. هن وقت 480 ايم جي ڊي پاڻي ملي رهيو آهي جيڪو سنڌو درياهه مان 450 ايم جي ڊي ۽ حب مان 30 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي. جڏهن ته 918 ايم جي ڊي پاڻيءَ جي گهرج آهي ۽ 480 ايم جي ڊي ملي رهيو آهي، اهڙي حساب سان 438 ايم جي ڊي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اهي ٻه مهينا اهم آهن ۽ مان چاهيان ٿو ته انهن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. ڄام خان شوري وڌيڪ ٻڌايو ته جن علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي انهن ۾ ضلعو اولهه ڪراچي ۽ ضلعو سينٽرل ڪراچي شامل آهن، هن وقت ضلعي اولهه ڪراچي جي اورنگي ٽائون، بلديا ٽائون، سائيٽ ايريا، گڏاپ ٽائون ۽ نارٿ ناظم آباد ٽائون جي ڪجهه حصن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي. وڏي وزير ڄاڻ وٺندي پڇيو ته انهن علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڇو آهي؟. مڪاني ادارن واري وزير ٻڌايو ته اهي علائقا حب ڊيم تي انحصار ڪندا آهن ۽ حب ڊيم خشڪ ٿيندو پيو وڃي. ايم ڊي (ڪي ڊبليو ايس بي) خالد شيخ اجلاس کي ٻڌايو ته حب مان سپلائي 115 ايم جي ڊي کان گهٽجي 30 ايم جي ڊي ٿي وئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فيصلو ڪندي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کي هدايت ڪئي ته ضلعي اولهه ڪراچي ۾ هڪ ملين گيلن پاڻي ٽينڪرن ذريعي مهيا ڪيو وڃي. هن وقت ضلعي اولهه ڪراچي ۾ 257 ٽيڪرز ڪم ڪري رهيا آهن ۽ 100 وڌيڪ وڌايا وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڏيندي چيو ته اهڙيءَ ريت سمورن ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز کي ڪي ڊبليو ايس بي کان ٽينڪرز وٺي سندن علائقن مان پاڻيءَ جي کوٽ کي ختم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته لياري جي احمد شاهه واري علائقي جو آر او پلانٽ ۽ سول لائين شيرين جناح ڪالوني جو آر او پلانٽ بجلي جي بلن جون رهتن هئڻ ڪري بند آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهي ڪيئن بجلي جي رهتن ڪري بند آهن؟ هن هدايت ڏيندي چيو ته مون کي انهن آر او پلانٽس جي بجلي بحال ڪري ۽ آر او پلانٽس شروع ڪري سڀاڻي تائين رپورٽ ڏني وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *