ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروائيون ڪندي 65 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدار ۾ موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ بين الصوبائي گروپ جا ٻن جوابدار ۽ ٻه پرڏيهي شهري به شامل آهن جڏهن ته لياري ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو. پوليس موجب لياري ميراناڪي ۾ فائرنگ سبب اسماعيل بلوچ نالي هڪ ڄڻو مارجي ويو، شروعاتي جاچ موجب اسماعيل کي منشيات جي ڏي وٺ واري تڪرار تي قتل ڪيو ويو. سٽي ڊويزن جي اٺ ٿاڻن جي حدن ۾ پوليس ڪومبنگ آپريشن ڪيو جنهن ۾ گارڊن، کارادر، ميٺادر، عيدگاهه، نيپئر، نبي بخش، سٽي ڪورٽ ۽ رسالا شامل آهن. آپريشن دوران 57 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ايس پي سٽي موجب آپريشن يوم علي تحت سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو. ناظم آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جوابدار ۾ پرڏيهي شهري عبدالقيوم ۽ 3 منشيات فروش زيب خان احمد دين ۽ سڪندر علي شامل آهن. ڪريم آباد مان 2 جوابدارن ڪامران لنگڙا ۽ شاهنواز کي گرفتار ڪيو. جن جو تعلق موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ صوبائي گروپ سان آهي. جوابدارن وٽان گاڏين جا لاڪ کولڻ وارا اوزار ۽ 3 موٽر سائيڪلون به هٿ ڪيون ويون آهن. بلديا ٽائون 2 نمبر مان غير قانوني طور ترسيل افغان شهري احمد شاهه جڏهن ته اتحاد ٽائون پوليس ڌاڙي جي ڪيس ۾ فرار جوابدار عظيم کي گرفتار ڪيو.