ڪراچي( م ڊ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته ڪراچي سيڙپڪاري لاءِ آئيڊيل شهر بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته شهر کي ملڪ جو معاشي مرڪز هئڻ جو به اعزاز حاصل آهي. گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ پاڪ برطانيا اقتصادي سهڪار، صوبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو ته صوبي ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ برطانيا جو سهڪار ساراهه جوڳو آهي، ڪراچي سيڙپڪارن لاءِ آئيڊيل شهر بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته وڏن صنعتي مرڪزن ۽ ڪاروباري ادارن سبب ڪراچي کي ملڪ جو معاشي مرڪز هئڻ جو به اعزاز حاصل آهي. سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن جي آمد سان پاڪستان جو هاڪاري تاثر اجاگر ٿيندو، ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي لاءِ جٽادار ڪوششن جي ضرورت آهي. برطانوي هاءِ ڪشمنر ٿامس ڊريو چيو ته برطانيا صوبي ۾ بنيادي سهولتن جي ڍانچي جي فراهميءَ ۾ سهڪار جاري رکندو.