ڪراچي سينٽرل جيل مان 90 خطرناڪ ترين قيدين جي مختلف جيلن ۾ منتقلي

ڪراچي( م ڊ ) ٻن دهشتگردن جي ڀڄي وڃڻ کانپوءِ ڪراچي سينٽرل جيل مان 90 خطرناڪ ترين قيدين کي مختلف جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ڪراچي سينٽرل جيل ۾ دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. جيل ۾ قيد 90 خطرناڪ ترين قيدين کي ملڪ جي مختلف جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. نهايت خطرناڪ 8 جوابدارن کي لاڙڪاڻي، 80 قيدي

ن کي سکر جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيمن سان لاڳاپيل ٻن هاءِ پروفائيل قيدين کي راولپنڊي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سينٽرل جيل ۾ دهشتگردن جو نيٽ ورڪ جو انڪشاف ڪيو هو جڏهن ته ايپڪش ڪميٽي جي اجلاس ۾ 270 خطرناڪ قيدين کي ٻين جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *