ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ انٽرميڊيٽ جا ساليانه امتحان جاري آهن، امتحاني مرڪزن تي ڪاپي مافيا جو راڄ

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن شهرن ۾ انٽرميڊيٽ جا ساليانا امتحان جاري آهن امتحاني مرڪزن تي ڪاپي مافيا جو راڄ ڪيترن ئي سينٽرن تي پيپر آئوٽ ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي فوٽو ڪاپي وارا پرچو پنهنجي مرضي جي اگهن تي کلي عام وڪرو ڪرڻ لڳا جڏهن ته موبائيل فون تي پابندي باوجود اميدوار ڪاپي ڪرڻ لاءِ فون جو آزاداڻو استعمال ڪري رهيا آهن ٻئي طرف چيئرمين انٽر بورڊ ڪراچي انعام احمد دعويٰ ڪئي ته انٽر بورڊ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي تفصيل موجب سڄي سنڌ ۾ ڪراچي انٽرميڊيٽ جا امتحان مذاق بڻجي ويا آهن بوٽي مافيا حڪومتي قدمن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون ۽ پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ ئي شاگردن جي هٿن ۾ حل ٿيل پيپر ڏيئي ڇڏيا امتحاني مرڪزن ۾ مقرر پوليس اهلڪار به شاگردن جي مدد ڪري رهيا آهن تفصيل موجب حيدرآباد بورڊ جي تحت بدين ۾ جاري انٽرميڊيٽ جي امتحانن ۾ ڪاپي مافيا سرعام حل ٿيل پيپر وڪرو ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ميڊيا تي ڪاپي جي خبر شايع ٿيڻ کان پوءِ پوليس حرڪت ۾ اچي ويئي ۽ فوٽو ڪاپي جي دڪانن تي ڇاپو هڻي 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري دڪان بند ڪري ڇڏيا جيڪب آباد ۾ لاڙڪاڻي بورڊ جي تهت ٿيندڙ 12هين ڪلاس جي رياضي جو پرچو وقت کان اڳ آئوٽ ٿيو اهڙي طره سکر ۾ به رياضي جو پيپر عمرڪوٽ ميرپورخاص بورڊ جي اهتمام هيٺ ٻاهرين ڪلاس جي پاڪستان اسٽڊيز جو پرچو امتحان شروع ٿيڻ کان 15 منٽ اڳ شاگردن جي هٿن ۾ اچي ويو جتي شاگردن استادن جي موجودگي ۾ سرعام ڇپائي ڪرڻ ۾ مصروف رهيا ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ميرپور ماٿيلو ڏهرڪي ۾ امتحاني پرچا وقت کان اڳ ئي آئوٽ ٿي ويا. قلم 144 نافذ هئڻ باوجود امتحاني مرڪزن جي ٻاهران ڪاپي مافيا پوليس جي مدد سان سرعام اميدوارن کي ڪاپي ڪرائيندا رهيا ٻئي طرف ڪراچي انٽربورڊ جي چيئرمين انعام احمد دعويٰ ڪئي ته انٽر بورڊ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ميڊيا سان ڳالهائيندي سوشل ميڊيا تي منصوبي جي تحت ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن انٽربورڊ کي بدنام ڪري سگهجي هن ٻڌايو ته انٽر جا پرچا آئوٽ ڪري اسان کي بدنام ڪيو پيو وڃي اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته پرچو آئوٽ ٿيڻ جي پويان ڪنهن جو هٿ آهي هن چيو ته 220 ماڻهو 118 ڪاليجن ۾ پيپر سوا 9 وڳي ايندو آهي جنهن کان پوءِ سوا 9 وڳي کان پوءِ پرچو آئوٽ ڪرايو وڃي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *