ڪراچي سرڪلر ريلوي جي متاثرين جا مسئلاسمورن اسٽيڪ هولڊرن جي مشوري سان حل ڪيا ويندا: سيد ناصر شاهه

February 2, 2017 at 1:16 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير سيد ناصرحسين شاهه چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي تي 1999 کان اڳ جي رهواسين جي معاضي تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته ان کان پوءِ اڏاوت ٿيندڙ يونٽ ۽ ٽريڪٽ قبضو ڪندڙن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڪراچي سرڪلر ريلوي متاثرين ايڪشن ڪميٽي جي هڪ نمائنده وفد سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات جي موقعي تي ڪئي جنهن جي قيادت حاجي خان بادشاهه ڪري رهيو هو جڏهن ته ميمبرن ۾ وقار اعواڻ شفيع الرحمان رانا صادق قاري محمد اسماعيل چوڌري ۽ ٻيا موجود هئا ايڪشن ڪميٽي صوبائي وزير کي متاثرين جي ڏکيائين ۽ پريشانين کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجن خدشن جي باري ۾ ٻڌايو ٽرانسپورٽ واري وزير ان موقعي تي چيو ته پ پ پ جي حڪومت ڪنهن کي به بي گهر نه ڪندي آهي ۽ ان سلسلي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو جون خاص هدايتون به آهن ته ڪنهن کي به بي گهر نه ڪيو وڃي پر ٿي سگهي ته انهن کي ڇت فراهم ڪئي وڃي ناصر حسين شاهه وفد کي خاطري ڪرائي ته متاثرين جا مسئلا سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي مشوري سان حل ڪيا ويندا هن چيوت ه جيڪڏهن ضرورت پئي ته وفد جي ملاقات چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سان به ڪرائي سگهجي ٿي. ڪراچي شهر سڀني جو آهي ۽ سرڪلر ريلوي سڀني جي ضرورت آهي.

اي پيپر