ڪراچي حيدرآباد موٽر وي جو افتتاح، ڪوڙا خواب ڏيکاريندڙن کان نوجوانن کي بچائڻو آهي: نواز شريف

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف ڪراچي پهچي ويو آهي، جتي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ۽ گورنر آجيان ڪئي. ڪراچي حيدرآباد منصوبي تي ۵۰ سيڪڙو ڪم ٿي ويو آهي، ۱۳٦ ڪلو ميٽر تي تعميراتي ڪم گّذريل سال شروع ڪيو ويو هو. جڏهن ته نواز شريف ڪراچي حيدرآباد موٽر وي جو افتتاح ڪيو، جنهن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته رستا ڏکيا هجن ته منزل ماڻڻ به ڏکي ٿي ويندي آهي، شاهراهن جي ڪري ترقي ٿيندي، موٽر وي تعمير ٿيڻ سان فاصلا گهٽ ٿيندا ۽ عوام ويجهو ايندو، خوشي آهي ته ڪراچي حيدرآباد موٽر وي جو ڪم ۵۰ سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي، ماڻهو پنهنجي اکين سان نئون پاڪستان تعمير ٿيندي ڏسي رهيا آهن، اسان الله پاڪ جي ڪرم سان جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي پورا ڪري رهيا آهيون، ڪوڙا خواب ڏيکاريندڙن کان نوجوانن کان بچائڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته گوادر ذريعي پاڪستان پوري ملڪ سان ڳنڍجي ويو آهي، ڪجهه سالن ۾ بجلي جي کوٽ ختم ٿي ويندي، ان لاءِ ڀاشا ڊيم تعمير ڪري رهيا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *