ڪراچي جي ڪچري تي ميئر جي فلمي سياست جو ڊراپ سين، چوويهه ڪلاڪن ۾ ئي مصطفيٰ ڪمال معطل

ڪراچي: (م ڊ) ڪراچي ۾ ڪچرو  کڻڻ جي معاملي تي ميئر هڪ فلمي انداز ۾ مصطفيٰ ڪمال کي گاربيج پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪري 24 ڪلاڪن ۾ ئي معطل ڪري ڇڏيو.ميئر ڪراچي وسيم اختر گذريل ڏينهن چيئرمين پي ايس پي مصطفيٰ ڪمال کي هڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي گاربيج پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو هو جنهن کان پوء مصطفيٰ ڪمال پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته هو ٽن مهينن ۾ شهر کي صاف ڪندو ۽ هر وقت ڪم ڪندو.مصطفيٰ ڪمال گذريل رات اصغر علي شاهه اسٽيڊيم ۾ ڪي ايم سي آفيسرن جو اجلاس طلب ڪيو هو پر   ڪوبه آفيسر اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نه پهتو جنهن سبب اجلاس ملتوي ڪرڻو پئجي ويو. مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته ميئر ڪراچي ان جو باس آهي ۽ باقي سمورن ماڻهن جو هو پاڻ باس آهي جڏهن ته هن چيئرمين ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۽ ٻين چيئرمينن کي به هدايت ڪئي هئي ته مون کي شهر جي معاملن تي بريفنگ ڏني وڃي. مصطفيٰ ڪمال کي اختيارات ملڻ جي 24 ڪلاڪن کان پوءِ ئي ميئر ڪراچي کيس معطل ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي   ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو ته مصطفيٰ ڪمال کي بدتميزي سبب معطل ڪيو هو ڪم ڪرڻ جي بجاءِ سياست چمڪائي رهيو آهي ان ڪري ايندڙ حڪمن تائين هو معطل رهندو.هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال ميونسپل ڪارپوريشن جي  ماتحت آهي هن منهنجي نيڪ نيتي تي ٻڌل قدمن کي سياست جي ور چاڙهي ڇڏيو ۽ هو ان قابل ناهي هو بدتميز به آهي. کيس  ميڊيا تي ڊرامي جي بجاءِ هيڊ آفيس اچي منصوبو ٺاهڻو هو پر هن  چيئرمين ڊسٽرڪٽ سينٽرل جي حدن ۾ مداخلت ڪئي. وسيم اختر چيو ته مان سمجهان ٿو ته مصطفيٰ ڪمال نيڪ نيتي سان ماڻهن جي مدد ڪندو  مون ڪراچي جي مفادن ۽ ماڻهن کي رليف جي لاءِ نيڪ نيتي سان حڪم جاري ڪيو ڇو ته هو رضاڪارانه طور تي چئي رهيو هو ته 90 ڏينهن ۾ ڪراچي صاف ڪري ڇڏيندس. افسوس ٿيو ته منهنجي نيڪ نيتي جو غلط فائدو ورتو ويو ۽ ان کي سياست ۾ تبديل ڪيو ويو. ان جو مطلب اوهان ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مخلص نه هو.وسيم اختر وڌيڪ چيو ته مصطفيٰ ڪمال هيڊ آفيس اچي جوائننگ ڏئي ها ۽ پنهنجي  90 ڏينهن جي پلاننگ اسان سان شيئر ڪري ها ته هو ڪهڙي فارمولي تحت شهر صاف ڪندو پر هو ته بلديه ۾ چائنا ڪٽنگ تي لڳي ويو. ڪوبه هن جي ماتحت نٿو اچي پر هو پاڻ ڪي ايم سي جي ماتحت آهي. هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال ڪو نيب جو ماڻهو ناهي جو اڪائونٽس گهري رهيو آهي انهن  سڀني شين کي ڏسندي کيس معطل ڪيو ويو آهي. ميئر ڪراچي وسيم اختر جي اعلان کان پوءِ مصطفيٰ ڪمال جي بطور پروجيڪٽ ڊائريڪٽر گاربيج معطلي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *