ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروائي جي دوران فرار ۽ گينگ وار ڪمانڊر سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جا 4 اهلڪار بدعنواني ۾ ملوث هوڻ سبب معطل ڪيا ويا، جڏهن ته نيٽي جيٽي پل تي ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي. لياري جي علاقي سنگولين ۾ پوليس ڏوهارين جي موجودگي جي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو ۽ گھرگھر تلاشي ورتي جنهن دوران لياري گينگوار عزير بلوچ گروپ جي ڪمانڊر شاهد وڇاڻي، مشتاق ۽ جميل کي هٿيارن ۽ منشيات سميت گرفتار ڪيو ويو. منشيات کپائيندڙ عورت ميما، يارو، بهادر پي ايم ٽي ۽ يوسف پٺاڻ فرار ٿي ويا، گرفتار جوابدار ڀتا خوري ۽ منشيات فروشي سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث هئا. ناظم آباد پوليس به ڪاروائي جي دوران لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ ۽ ٻين ڪيسن ۾ فرار جوابدارن گل حسن ۽ منير شاهه کي گرفتار ڪري ورتو. ايس پي گلبرگ بشير برهوڻي بدعنواني ۽ آفيسرن کي رشوت ڏيڻ جي الزام ثابت ٿيڻ تي شاهراهه نورجهان ٿاڻي ۽ سمن آباد ٿاڻي جي 4 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي نيٽي جيٽي پول تي اڻ سڃاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل تي سوار عورت فوت ٿي وئي، جڏيهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي ويو، مرڻ ۽ زخمي ٿيڻ وارن جي اڄا تئي شناخت نه ٿي آهي.