ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مينهن، موسم خوشگوار، بجلي بند
August 23, 2017 at 9:56 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(م ڊ) شهر جي مختلف علائقن ۾ مينهن وسڻ سبب موسم خوشگوا ٿي پيو. سخت گرمي ۽ حبس کان پوءِ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بونداباندي ۽ مينهن هڪ ڀيرو ٻيهر موسم کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو. گرمي جا ماريل ڪراچي جا شهري مينهن کان پوءِ روڊن تي نڪري آيا ۽ موسم جي تبديلي مان لطف اندوز ٿيا. گلشن حديد، ملير، گلشن اقبال، ايئرپورٽ، شاراهه قائدين، پٽيل پاڙي ۽ ٻين علائقن ۾ ٿيل مينهن عوام جا چهرا کلائي ڇڏيا. ٻئي پاسي مينهن جي چند بوندن ئي شهر جا 70 فيڊر ٽرپ ڪري ڇڏيا ۽ مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.