ڪراچي جي قيوم آباد ۾ ڦٽ پاٿ تي بيٺل مسافرن مٿان ڪنٽينر ڪري پيو، 3 ڄڻا دٻجي فوت
February 17, 2017 at 12:34 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي علائقي قيوم آباد چورنگي وٽ ڪنٽينر ٽرالر فٽ پاٿ تي بيٺل مسافرن مٿان ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت ۳ ڄڻا ڪنٽينر هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا، تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي قيوم آباد چورنگي وٽ ڪنٽينر ڦٽ پاٿ تي بيٺل مسافرن مٿان ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت ۳ ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ۳ مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن ۾ هڪ معذور عورت به شامل آهي، جڏهن ته ڪنٽينر جو ڊرائيور موقعي تي فرار ٿي ويو آهي، هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس کي ڊرائيور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.