ڪراچي جي فٽ پاٿ اسڪول کي مناسب هنڌ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان تعليم واري سيڪريٽري کي ڪراچي ۾ فٽ پاٿ اسڪول لاءِ مناسب هنڌ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪلفٽن واري علائقي ۾ موجود فٽ پاٿ اسڪول بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي چيف جسٽس تعليم واري سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي ذاتي حيثيت ۾ اسڪول جو دورو ڪرڻ جو چيو هو، جنهن تي هن ٻڌايو ته مان سومر ڏينهن پاڻ فٽ پاٿ اسڪول جو دورو ڪيو، فٽ پاٿ ڀرسان ئي هڪ اسڪول آهي، جتي ان اسڪول کي منتقل ڪرڻ جو منصوبو آهي. ٻڌڻي دوران فٽ پاٿ اسڪول جي روح روان انفاس علي شاهه روئيندي چيو ته عدالتي حڪمن باوجود ڪجهه ماڻهو آيا ۽ انهن بدتميزي ڪئي. هن ٻڌايو ته فٽ پاٿ اسڪول ۾ 6 سئو کان وڌيڪ ٻار تعليم پرائي رهيا آهن ۽ قصور ۾ زينب سان پيش آيل واقعي کانپوءِ 250 ٻارن کي مارشل آرٽ جي تربيت به ڏني پئي وڃي. هن چيو ته مان ڪچرو کڻندڙ ٻارن کي پڙهائي رهي آهيان، مون سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ويو ڄڻ ڪو غلط ڪم ڪري رهي آهيان. عدالت تعليم واري سيڪريٽري کي انفاس علي شاهه کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي تعليم کاتي کي اسڪول لاءِ مناسب هنڌ ۽ ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٻارن کي پَٽَ تي پڙهائڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، ٻارن کي تعليم لاءِ مناسب هنڌ سان گڏوگڏ پاڻي ۽ ٻيون سهولتون به فراهم ڪيون وڃن. عدالت بئريسٽر صلاح الدين کي عدالتي مددگار مقرر ڪندي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ معاملي بابت آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس تعليم واري سيڪريٽري کي 31 مارچ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *