ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي علائقي صدر ۾ بم جي اطلاع تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي صدر واري علائقي ويجهو پريڊي ٿاڻي وٽ بم جو اطلاع ملڻ تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي، بم جي اطلاع کانپوءِ اتي جي رهواسين ۽ ڪاروباري ماڻهن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڄاڻايل هنڌ تي پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايس پي صدر توقير نعيم مطابق ھڪ شڪي ھمراھ ڄاڻايل ھنڌ تي بيگ رکي ڀڄي ويو، جنھن تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو، جنھن پھچي بيگ چيڪ ڪرڻ کانپوءِ ڪليٸر قرار ڏيندي ڪنھن بہ خطري جي نہ ھجڻ بابت چيو، جنھن تي شھرين سک جو ساھ کنيو.