اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جي سمنڊ مان ايشيا جا سڀ کان وڏا تيل ۽ گئس جا ذخيرا هٿ ڪيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ سمنڊ هيٺ ايشيا جا وڏا تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿي ويا آهن، قوم دعا ڪري ته اها دريافت قوم جي تقدير تبديل ڪري. هن چيو ته ڀارت چونڊن کان اڳ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي سگهي ٿو، دهشتگردي کان بچڻ لاءِ اسان کي چوڪس رهڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته افغان طالبان مون سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي جنهن تي ملاقات جي تاريخ طئي ٿي پر افغان حڪومت جي اعتراضن بعد طالبان سان ملاقات ملتوي ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳوڻي حڪومت کان بي شمار مسئلا ورثي ۾ مليا، مخالف ڌر حڪومت کي پارليامينٽ ۾ به ڳالهائڻ جو موقعو نه ٿي ڏي، جڏهن ته حڪومت مڪمل سهڪار ڪندي آهي، شهباز شريف کي پي اي سي چيئرمين بڻايو، سعد رفيق جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪيا. هن چيو ته حڪومتي قدمن باوجود مخالف ڌر جا مطالبا وڌي رهيا آهن، اپوزيشن پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ تحريڪ هلائيندي پر مون کي مخالف ڌر جي احتجاج جو ڪو به خوف ناهي، جڏهن ته ماڻهو به اپوزيشن سان گڏ نه آهن، مخالف ڌر احتجاج جو شوق پورو ڪري، ڊي چوڪ تي ڪنٽينر فراهم ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته هاڻي ڪابه بليڪ ميلنگ نه هلندي ۽ نه وري ڪو اين آر او ملندو، نواز شريف هڪ فيڪٽري مان 30 فيڪٽريون قائم ڪيون پر 30 سال گذرڻ باوجود هڪ اسپتال نه ٺاهي سگهيو جتي سندس علاج ٿي سگهي، نواز شريف کي علاج جون مڪمل سهولتون ڏئي رهيا آهيون، ملڪ ۾ جتي وڻيس علاج ڪرائي سگهي ٿو. قومي احتساب بيورو بابت سوال تي وزيراعظم عمران خان چيو ته نيب حڪومت جي اثر هيٺ ناهي، ماضي ۾ نيب سبب ڪرپشن وڌي، سرڪاري آفيسرن جا خدشا نيب تائين پهچايا ويا آهن، جنهن کي پنهنجو دائرو وڌائڻ جي ضرورت آهي، نيب ننڍن ماڻهن کي تنگ ڪرڻ بدران وڏن چورن ۾ هٿ وجهي.