ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن جي رنگين اختتامي تقريب ۾ ناليوارن فنڪارن فن جو مظاهرو ڪري ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو. اختتامي تقريب ۾ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي خطاب ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن توڙي سيڪيورٽي فورسز جا ٿورا مڃيا. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 9 ورهين کانپوءِ ڪرڪيٽ واپس آئي آهي، جنهن لاءِ ڪراچي وارئو، توهان جو مبارڪ، پي ايس ايل نه منهنجي آهي نه وري ڪنهن سياسي پارٽي جي پر اها پاڪستانين جي ٽورنامينٽ آهي. نجم سيٺي چيو ته هي هڪ تاريخي موقعو آهي، ڪراچي وارن جون دعائون قبول ٿي ويون، انشاءَالله ويسٽ انڊين ٽيم به دوري تي ايندي. هن پي ايس ايل فائنل لاءِ انتظامن جي حوالي سان چيو ته سنڌ جي وڏي وزير اڻ ٿڪ محنت ڪئي ۽ اسان جو ساٿ ڏنو، جڏهن ته سمورن سيڪيورٽي ادارن به اسان کي تحفظ فراهم ڪيو، اسان کي پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي خدمتن کي ياد رکڻ گهرجي. نجم سيٺي جي تقرير کانپوءِ عائما بيگ آواز جو جادو جاڳائي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جڏهن ته فرحان سعيد ۽ مشهور بينڊ اسٽنگ به فن جو مظاهرو ڪيو، ان کانسواءِ شهزاد راءِ ۽ علي ظفر به شاندار پرفارمنس ڏيکاري هزارين شوقينن کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان جي پي ڊومني اسٽيج تي اچي سڀني کي سلام ڪيو ۽ پي ايس ايل لاءِ ڪيل انتظامن ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪيو. فنڪارن جي پرفارمنس دوران ڊيرن سيمي، آندري فليچر ۽ حسن علي به رقص ڪندا رهيا. پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي اردو ۽ پشتو ۾ ڳالهايو. هن چيو ته اسان هتي کٽڻ لاءِ آيا آهيون، آخر ۾ هن پاڪستان زنده آباد جو نعرو هنيو.هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪامرس ڪاليج کان هيلي ڪاپيٽر ذريعي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ميچ لاءِ ڪيل سيڪيورٽي انتظامن جو فضائي جائزو وٺڻ لاءِ روانو ٿيو جتي هن شهر ۾ پارڪنگ ايرياز، روڊن ۽ اچ وڃ جي سهولتن جو جائزو وٺندي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته انتظامن ۾ ڪابه ڪسر نه رهجي. ان تي انتظاميا آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته اسٽيڊيم جي چوڌاري ايمبولنسن جو بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير شاهراه فيصل تي هلندڙ ٽريفڪ تي اطمينان جو اظهار به ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير پنهنجي موبائيل فون مان اسٽيڊيم جا فوٽيج پڻ ٺاهيا ۽ ميچ ڏسندڙن جون قطارون پڻ ڏٺيون.ٻئي پاسي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ پي ايس ايل جي ڪاميابي ۽ ان ۾ ڀرپور شرڪت تي عوام کي مبارڪون ڏيان ٿو. پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت، محمد نواز شريف جي واعدي ۽ سوچ موجب قوم جون خوشيون واپس آڻي رهي آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت جي بحالي، امن جو قائم ٿيڻ ۽ راندين جي واڌ ويجهه حڪومت جي ڪارڪردگي جو چٽو ثبوت آهي. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ملڪ کي اونداهي مان ڪڍي روشنين سان ٽمٽار ڪيو آهي. شاهد خاقان عباسي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جو فائنل ٿيڻ خوشي ڏياريندڙ ڳالهه آهي ۽ ان سان شهر جي بهتر سڃاڻپ دنيا آڏو سامهون ايندي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ امن ۽ خوشحالي جي بحالي ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي سوچ، صوبائي حڪومت جو سهڪار، پاڪستان جي هٿياربند فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو اهم ڪردار شامل آهي. وزيراعظم چيو ته پي ايس ايل سڄي قوم لاءِ نئون جذبو ۽ خوشيون آنديون آهن ۽ انهن خوشين کي وڌائڻ لاءِ انهيءَ جذبي تحت حڪومت نيڪ نيتي سان ڪم ڪندي رهندي.