ڄامشورو (رپورٽر) گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي جو ڪوبه والي وارث نه آهي، اسان کي مالڪي ڪرڻي پوندي، حڪومت جي خواهش آهي ته آرمي چيف جي مُدي ۾ واڌ ٿئي. ڄامشورو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ڪراچي جو ڪوبه والي وارث نه آهي، اسان کي ڪراچي جي مالڪي ڪرڻي پوندي، آدم شماري ۾ خدشا ظاهر ڪيا ويا ته ٻيهر ڪرائي ويندي. هن چيو ته احتساب سڀني لاءِ هڪجهڙو آهي، ڀلي اُهي حڪومتي نمائندا هجن يا ڪامورا هجن. هڪ سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته ايس ايس پي کي هٽائڻ جو وٽس اختيار نه آهي، هو رڳو اُن تي آواز اٿاري سگهي ٿو ۽ سفارش موڪلي سگهي ٿو. مولانا فضل الرحمان جي بيان جو سياست تي اثر نٿ پوي، حڪومت جي خواهش آهي ته آرمي چيف جو مُدو وڌڻ گهرجي. وزيراعظم جي ڪراچي جي مسئلن طرف توجه آهي، چاهيون ٿا ته سمورا مسئلا حل ٿين.