ڪراچي جو سمنڊ هڪ هفتي ۾ 13 ڄڻن کي ڳڙڪائي ويو

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سمنڊ ڪناري تڙ ڪندي (وهنجندي) اڄ 7 ماڻهو ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. هڪ هفتي اندر سمنڊ ڪناري ٻڏي مرڻ وارن جو تعداد 13 ٿي ويو آهي. دو دريا ويجهو سمنڊ ۾ 3 ماڻهو ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻڏڻ واري هڪ شخص جو لاش ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته هڪ شخص کي بيهوشي جي حالت ۾ ڪڍيو ويو آهي. ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته ٻڏڻ واري ٽئين شخص جي تلاش جاري آهي. ان کان پهريان سينڊز پٽ تي 4 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته سينڊز پٽ تي ٻڏندڙ ٽن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته هڪ جي تلاش جاري آهي. فوت ٿيندڙن ماڻهن جي سڄاڻپ اعجاز، حمزه ۽ علي جي نالن سان ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته ڪراچي ۾ هڪ هفتي اندر ٻڏي فوت ٿيندڙن جو تعداد 13 ٿي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *