اسلام آباد(بيورو)وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جا اگهه وڌڻ نه ڏينداسين.وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مينهن سبب ڪراچي جي صورتحال ۽ امدادي ڪمن تي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته ٽرانسفارميشن پلان بابت به آگاهه ڪيو ويو.ان موقعي تي وزير اعظم چيو ته ڪراچي ۾ ڪچري، پاڻي جي نيڪالي ۽ ٽرانسپورٽ جي مسئلا حل ڪنداسين، ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪراچي وڃي پاڻ حالتن جو جائزو وٺندس.عمران خان چيو ته اٽي ۽ کنڊ جا اگهه نه وڌڻ ڏينداسين، ڪڻڪ جي وڏي کيپپاڪستان پهچي وئي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ورڇ ٿيندي، چنڊ جي درآمد ڪئي پئي وڃي، ذخيرا اندوزي کان بچڻ لاءِ ڪڻڪ ۽ کنڊ پاڪستان ريلويز جي ذريعي سپلاءِ ڪئي ويندي.ٻئي پاسي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم جمعي ڏهاڙي ڪرياچي جو دورو ڪندو. سندن سموريون همدرديون ڪراچي جي عوام سان آهن.شبلي فراز چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته احساس پروگرام جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو وڃي. شبلي فراز چيو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سواءِ ڪراچي جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن. ڪراچي بابت مختلف پراجيڪٽس شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. سنڌ حڪومت کي به منصوبن بابت آن بورڊز ورتو ويندو. ڀارت ملڪ دشمن آهي ڪوبه موقعو هٿن مان وڃڻ نه ڏينداسين،