ڪراچي(م ڊ) انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي ) سنڌ اي ڊي خواجا (الله ڏنو خواجا) خبردار ڪيو آهي ته ڪراچي جو امن مستقل ناهي ۽ حالتون ٻيهر خراب ٿي سگهن ٿيون. آءِ جي سنڌ ڪراچي جي ننڍن صنعتڪارن سان ڳالهائيندي خطري جي گهنٽي وڄائيندي چيو ته شهر ۾ ٻيهر حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون ڇو ته شهر ۾ گڙٻڙ پکيڙڻ واريون فالٽ لائنز بدستور موجود آهن،. انهن فالٽ لائز کي اي ڊي خواجا لسانيت، فرقيواريت ۽ گروهه بندي قرار ڏنو آهي، هو خاص طور تي لسانيت کي ڪنٽرول ڪرڻ يا وري هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني ۽ قتل عام جا خدشا ظاهر ڪري رهيو آهي. گذريل پنج سالن کان ڪامياب آپريشن ۽ ان کان پوءِ امن جي عادي ٿيل صنعتڪارن ۽ عوام جي لاءِ اِهو خبر آهي. آءِ جي سنڌ جو منطق آهي ته شهر مختلف ٻولين سان تعلق رکي ٿو ۽ هو اهڙي ميڪينزم جي ڳالهه ڪندو آهي جنهن ۾ لسانيت جي بيناد تي سياست جي ئي پابندي هجي هاڻ جڏهن ته سڄِ ملڪ ۾ ٻولي جي بيناد تي صوبن جي ڳالهه ٿي رهي هجي.