ڪراچي جا ٻهراڙي وارا علائقي بنيادي سهولتن جهڙوڪ پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ بنيادي سماجي يوٽلٽيز کان محروم آهن؛وڏو وزير

ڪراچي (27 جولاءِ 2017ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي جا ٻهراڙي وارا علائقي بنيادي سهولتن جهڙوڪ پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ بنيادي سماجي يوٽلٽيز کان محروم آهن، انڪري حڪومت آر او پلانٽس ذريعي انهن علائقن کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهميءَ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڳالهه اڄ هن وزيراعليٰ هائوس ۾ آر او پلانٽس ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، فياض ٻٽ، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڪمشنر ڪراچي رمضان اعواڻ، سيڪريٽري آبپاشي سيد جمال شاهه، سيڪريٽري پي ايڇ اي ڊي تميزالدين کيڙو، ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ غلام حسين ميمڻ ۽ لاڳاپيل انجنيئرز شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هن وقت 12 آر او پلانٽس ڪيماڙي ۽ 6 آر او پلانٽس لياري ٽائون ۾ لڳايا ويا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مون کي ڄاڻ آهي ته هر ماڻهوءَ کي روزاني 20 گيلن پاڻي ملڻ گهرجي. هن چيو ته لياري کي 20 ملين گيلن پاڻي روزاني ملڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان جي آبادي 10 لک آهي. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ (ڪي ڊبليو ايس بي) 14 ملين گيلن پاڻي روزاني جي بنياد تي ڏئي رهيو آهي ۽ 6 لک گيلن پاڻي پاڻي آر او پلانٽس کان ملڻ گهرجي. اهڙي طرح ڪيماڙي ٽائون جي 9.2 ملين گيلن روزاني جي ضرورت آهي، جڏهن ته واٽر بورڊ 2.2 ملين گيلن پاڻي مهيا ڪري رهيو آهي باقي 7 ملين گيلن آر او پلانٽس ذريعي ملڻ گهرجي. ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيديءَ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لياري ٽائون جو آر او پلانٽ گنجائش کا گهٽ هلي رهيو آهي، ان آر او پلانٽ لاءِ ڪچي پاڻيءَ جي کوٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ٽي ڊي ايس 65000 کان 40000 پي پي ايم آهي. هن وقت هڪ لک کان ڏيڍ لک گيلن پاڻي ڪچي پاڻي جي سپلاءِ سان 35000 کان 40000 صاف پاڻي نڪرندو آهي جيڪو علائقي ۾ سپلاءِ ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته احمد شاهه بخاري آر او پلانٽ جي گنجائش هڪ ملين گيلن آهي، جڏهن ته اهو 30 سيڪڙي کان وڌيڪ پيداوار ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته سسٽم کي اپ گريڊيشن جي ضرورت آهي ۽ ان سان گڏوگڏ بور جي تعداد به وڌائي وڃي ته جيئن پاڻيءَ جي مقدار کي پورو ڪري سگهجي. هن چيو ته لياريءَ ۾ موجود تقريبن اهڙن مسئلن جو شڪار آهن. ايم ڊي واٽر بورڊ وڏي وزير کي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته ڪيماڙي جي آر او پلانٽ 30 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪچي پاڻي جي سپلاءِ جو بندوبست ڪيو، هاڻ ڪچي پاڻيءَ کي سمنڊ مان حاصل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃِي، جنهن لاءِ آر او پلانٽس جي سسٽم کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪي آر او پلانٽس سمنڊ کان پري آهن، سڪندرآباد، وزيرمينشن ۽ ڪميلا انهن کي اهڙي هنڌ منتقل ڪيو ويندو جتي گرائونڊ واٽر ڊي ٽي ايس گهٽ هجي. هن ايم ڊي واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته آر او پروجيڪٽس جي بهتر ڪارڪردگيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جي تعداد وڌائي وڃي. سيد مراد علي شاهه واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته هُو تفصيلي سفارشون تياري ڪري ۽ ان کي صوبائي بلديات واري وزير ذريعي سندن کي پيش ڪري. هن چيو ته مان شهر جي پاڻيءَ کان محروم عوام کي پاڻي فراهم ڪرڻ چاهيان ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *