ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران قوم کي متحد ڪرڻ بدران وسيلا کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ جِي راڄڌاني تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، ڪراچي کي ڪالوني بڻائڻ جِي ڪوشش ڪئي ته سخت مخالفت ڪنداسين ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڀني مسئلن جي پاڙ اين ايف سي جو حصو مسلسل نه ملڻ جو نتيجو آهي، اڄ تائين ڪنهن صوبي کي ان جو حق نه مليو، گذريل سال سنڌ جي حصي مان 116 ارب رپين جي گهٽتائي تي ڳالهه ٿي هئي ۽ هن سال 200 اربن کان وڌيڪ حصو گهٽ ڪيو ويو آهي، اهو هر صوبي سان مسلسل ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن اسان 18هين ترميم کان اڳ جي اين ايف سي ايوارڊ تي هلي رهيا آهيون ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبن کي وڌيڪ ذميواريون ڏنيون ويون آهن، تنهن ڪري حصي ۾ واڌ ڪئي وڃي ته جيئن صوبي جي عوام جي زندگي ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهجي، وڌيڪ حصو ملندو ته عوام جي صحت، تعليم، مقامي حڪومتن ۽ ٻئي نظام ۾ بهتري لاءِ ڪم ٿيندو پر وفاق اهو حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.سندس چوڻ هو دنيا ۾ ڀلي ڪهڙو به حڪومتي نظام هجي، اهي ڪورونا يا ٻين مسئلن تي هڪ هوندا آهن پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ وبائي صورتحال دوران وسيلا کسڻ جي ڳالهه ٿي رهي هئي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن سنڌ ۾ چوماسيءَ جي تاريخي برساتن سان عوام لاءِ مسئلا پيدا ٿيا ۽ نقصان ٿيو، پوءِ وفاق کي خيال آيو ته سنڌ جي تخت گاهه ۾ ڪو بحران آهي، وفاق اين ڊي ايم اي کي موڪليو، اسان اٿارٽي جا ٿورائتا آهيون، ڇو ته دير آيا درست آيا ته جيئن گڏجي مسئلا حل ڪيون.پ پ چيئرمين موجب عوام جي ڏکيائين وقت وفاق جي نيت صاف هجڻ گهرجي پر بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ان صوبي جي عوام لاءِ وفاق جي بدنيتي نظر ايندي آهي، ڊزاسٽر ۽ بحران ۾ اهڙي قسم جي سياست ناهي کيڏي ويندي، عوام ڏُک مان گذري رهيو هجي ته اسان انهن کان حق ڪيئن ٿا کسي سگهون