ملير(ڊ ر) ڪراچي تي قبضي جي سازش ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، عمران خان سنڌي ماڻهن کان معافي وٺي، ڌارين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ خلاف اسان جو احتجاج جاري رهندو، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ نيشنل پارٽي جي چئيرمين اميرڀنڀرو ملير پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته عمران خان پاران ڪراچي کي سنڌ کان عليحده پيش ڪرڻ واري موقف تي سنڌي ماڻهن جي ڪاوڙ فطري عمل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي، ان تي ڪنهن به قسم جو وار برداشت نه ڪيو ويندو، هن چيو ته عمران خان کي خبر هئڻ گهرجي ته پاڪستان ٺاهڻ جو اعزاز سنڌ ڌرتي کي حاصل آهي، قيام پاڪستان جي سڀ کان پهرين قرارداد جديد قومپرست جي باني سائين جي ايم سيد پيش ڪئي هئي، هن چيو ته عمران خان سنڌ ۾ لساني سياست ڪرڻ واري جماعت جي عبرتناڪ انجام مان سبق حاصل ڪري، سنڌ صرف سنڌين جي آهي ۽ سنڌ ۾ آباد مختلف قوميتن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهيون ٿا پرسنڌ ۾ حق حمڪران جو حق سنڌين جو آهي، پوءِ هنن جو تعلق سنڌ جي شهرن سان هجي يا سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن سان هجي، انهي موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سينٽ چئيرمين پيپلزپارٽي جو نه آهن، جيڪڏهن سينٽ چئيرمين پيپلزپارٽي جو هجي ها ته پارٽي شرين رحمان کي مخالف ڌر جو ليڊر مقرر نه ڪري ها، هن چيو ته آصف زرداري جي سياست سمجھ کان باهر آهي، امير ڀنڀرو چيو ته سنڌ جي سياست ۾ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ اسان جي پارٽي هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته پيرپاڳاري جي سربراهي ۾ ٺهندڙ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي آجيان ڪيون ٿا، پر جي ڊي اي جي اڳواڻن کي اها ڳالھ واضع ڪرڻي پوندي ته هو پنهنجي سياست ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي دشمن سياسي جماعتن کي شامل نه ڪندا، جيڪڏهن انهن سچائي سان سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مفادن جي سياست ڪئي ته پوري سنڌي قوم انهن کي شاندار موٽ ڏيندي، انهي موقعي تي هنن ملير پريس ڪلب جي نئون چونڊجي آيل عهديدارن صدر مرتضيٰ چانديو ۽ ٻين کي مبارڪباد ڏني، ايس اين پي جا اڳواڻ اميرقمبراڻي، رمضان بليدي، ڊاڪٽردائود ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.