ڪراچي: اين ٽي ايس پاس ڪنٽريڪٽ استادن تي پوليس جي لٺبازي، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ مستقلي لاءِ احتجاج ڪندڙ اين ٽي ايس پاس ڪنٽريڪٽ استادن تي پوليس لٺيون وسايون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ به ڪئي جنهن بعد ڪيترن ئي استادن کي حراست ۾ ورتو ويو. اين ٽي ايس پاس استادن ڪراچي جي علائقي صدر برنس روڊ تي ڌرڻو هنيو جن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس واٽر ڪينن، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي. پوليس جي تشدد سبب ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي مظاهرو ڪندڙن کي به حراست ۾ ورتو. استادن مطالبو ڪيو ته هنن پنهنجي قابليت جي بنياد تي اين ٽي ايس پاس ڪئي ۽ کين مستقل ڪري ذهني اذيت مان ڪڍيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *