ڪراچي(م ڊ) گورنر سنڌ محمد زبير چيو اهي ته امن امان واري صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر قدم کڻنداسين، جڏهن ته ڪراچي آپريشن هر صورت ۾ پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو، ميڊيا موجب گورنر سنڌ محمد زبير جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امن امان جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان گورنر هائوس ۾ اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ جنرل محمد سعيد، گهرو سيڪريٽري شاهد پرويز، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ ٻين اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا گورنر سنڌ کي امن امان جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندر ادارن جون ڏنل قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن، هن چيو ته امن کي بهتر بڻائڻ لاءِ تمام ڪوششون ورتيون وينديون، گورنر سنڌ چيو ته مارچ ۾ شروع ٿيندڙ آدمشماري ملڪ لاءِ تمام اهميت رکي ٿي، ان سان آبادي جا صحيح انگ اکر ملندا، هن چيو ته سي پيڪ جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ترقي ڪندو.