ڪراچي آپريشن لاءِ وفاق هڪ رپيو به ناهي ڏنو: سهيل انور سيال

ڪراچي( م ڊ) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي الزام لڳايو آهي ته ڪراچي آپريشن جي لاءِ وفاق هڪ رپيو به ناهي. ڪراچي ۾ صنعتڪارن سان خطاب ڪندي صوبائي گهرو وزير سهيل انور چيو ته بزنس ڪميونٽي جي مسئلن کي سمجهان ٿو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪترڻ لاءِ مسلسل رابطن ۾ آهيون. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، واپاري طبقو به پوليس جي اسپتالن جي مدد ڪري. سهيل انور سيال چيو ته امن قائم ڪرڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ آپريشن سنڌ حڪومت ڪري رهي آهي، جڏهن ته دهشتگردي ۾ سڀ کان وڏو نقصان پيپلز پارٽي کي پهتو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جون حالتون بهتر ٿي ويون آهن، ڪراچي ڪيترو ٽيڪس ڏيندو آهي اها وفاق کي به خبر آهي پر ڪراچي آپريشن لاءِ وفاقي هڪ به ناهي ڏنو. هن چيو ته اسان سنڌ پوليس کي پنجاب کان سٺي پگهار ڏئي رهيا آهيون، جيترا فنڊ لاهور کي ملندا آهن انهن جو اڌ به ڪراچي ڏنو وڃي ته هو لاهور کان به بهتر ٿي ويندو. سندس چوڻ هو ته ٿرڪول پراجيڪٽ سان بجلي جي في يونٽ جو اگهه اڌ ٿي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *