ڪراچيءَ ۾ 5 ماڙ عمارت ڊھي پٽ، 5 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارت ڊهي پٽ پوڻ جي نتيجي ۾ عورت سوڌو فوت ٿيلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ايڊيشنل ڊي جي واقعي جو ذميوار اٿارتي جي مقامي آفيسرز کي قرار ڏئي ڇڏيو. رضويه سوسائٽي ۾ 5 ماڙ عمارت اوچتو ڊهي پٽ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو ملبي ۾ دٻجي ويا. ريسڪيو ٽيمن ۽ علائقي واسين گڏيل ڪارروائين ذريعي ملبي ۾ دٻيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو، جڏهن ته گهٽيون سوڙهيون هجڻ سبب ريسڪيو ڪارروائين ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. گهڻ ماڙ عمارت ڊهي پٽ پوڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت سوڌو 4 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ملبي مان ڪڍيل لاش ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه انتظاميا کي ريسڪيو آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٻئي پاسي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل آڪاش ڊاوڙ عمارت ڊهي پٽ پوڻ جو ذميوار گلبرگ ٽائون ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرز کي قرار ڏئي ڇڏيو. سندس چوڻ آهي ته گهڻ ماڙ عمارت رڳو چاليهه گز جي پلاٽ تي ٺاهي وئي هئي. اها ايس بي سي اي جي مقامي آفيسرز جي سنگين غفلت آهي. آفيسرز خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ ذميوار جيل ۾ هوندا. هُن وڌيڪ چيو ته ڪراچي شهر سوڌو ڪچي آبادي ۾ غيرقانوني اڏاوتون ٿي رهيون آهن، اڃا 3 عمارتون ڊاهي پٽ ڪريون ٿا ته 10 عمارتون ٺهڻ شروع ٿي وينديون آهن. ڊهي پٽ پيل عمارت پُراڻي هئي ۽ ڪجهه مهينا اڳ اُن تي وڌيڪ اڏاوت ڪئي وئي. ڪراچي شهر ۾ غيرقانوني اڏاوتون وائرس جيان پکڙجي ويون آهن. نان ٽيڪنيڪل ماڻهن لاءِ غيرقانوني اڏاوتون نفعي جو ڪاروبار ٿي وڃڻ ٿيون، اُنهن خلاف قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *