ڪراچيءَ ۾ ڪاروباري سرگرميون مڪمل بحال ٿيڻ تائين رينجرز رهندي: گورنر محمد زبير

ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ ڪاروباري سرگرميون مڪمل بحال ٿيڻ تائين رينجرز رهندي. ڪراچي جي علائقي کارادر ۾ جنرل اسپتال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر محمد زبير چيو ته ڪراچيءَ جي قديم علائقي ۾ رعايتي في تي طبي خدمتن جي فراهمي کارادر جنرل اسپتال جو ساراهه جوڳو قدم آهي، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ خانگي طبي مرڪز اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ميڊيا هاڪاري خبرن کي بريڪنگ نيوز بڻائي، ڪراچي ۾ امن ڏسي سيڙپڪار اچي رهيا آهن. گورنر محمد زبير چيو ته جيستائين ڪراچيءَ ۾ مڪمل ڪاروبار بحال نه ٿيندو رينجرز سنڌ م موجود رهندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *