ڪراچيءَ ۾ سي ٽي ڊيءَ جي ڪارروائي، ٻه پابندي پيل تنظيم جا دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (م ڊ) ڪراچيءَ ۾ پابندي پيل تنظيم جو هڪ ٻيو نيٽ ورڪ وائکو ڪيو ويو آهي، ڪائونٽر ٽيرير ازم ڊپارٽمينٽ ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ ٽارگيٽيڊ ڪارروايون ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سي ٽي ڊيءَ جي پڌرائيءَ موجب گرفتار جوابدارن جو تعلق پابندي پيل تنظم سان آهي، سي ٽي ڊيءَ موجب دهشتگردن پاران بارودي مواد سي پي يو ۾لڪائي منتقل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته دهشتگرد حب رستي بارودي مواد منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *