ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي جي رٿا بندي ناڪام، 6 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي( م ڊ ) ڪراچي پوليس محرم الحرام دوران دهشتگرديءَ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 6 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي ملير رائو انوار موجب پوليس ڳجهي اطلاع تي سچل جي علائقي ۾ موجود دهشتگردن جي ٿاڪن تي ڪارروائي ڪئي، پوليس جو گهيرو ڏسي دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن دوران دهشتگردن دستي بم اڇلايا، جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي چڪا آهن. هن چيو ته دهشتگردن جي فائرنگ جو سلسلو ڪيتري ئي وقت تائين جاري رهيو، جڏهن ته وڏي نفري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو جنهن دوران هٿيار، 3 آپگهاتي جيڪٽس ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. رائو انوار چيو ته دهشتگرد محرم الحرام دوران وڏي ڪارروائي جي رٿا بندي ڪري رهيا هئا جيڪا ناڪام بڻائي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *