ڪراچيءَ مان برسات جو پاڻي ڪڍيو ويو آهي، سمورا رستا ٽريفڪ لاءِ کليل آهن:سيد ناصر شاهه

September 1, 2017 at 10:22 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو ته سنڌ سيڪريٽريٽ ٻُڏي ويو، هتي اچي ڏٺوسين ته پاڻي جو هڪ به ڦڙو نه آهي. هي نظام پيپلز پارٽي بڻايو آهي. هن چيو ته ڊيم ٽٽو نه آهي اوو فلو ٿيو هو، هاڻي گهڻن علائقن مان پاڻي نيڪال ڪري صاف ڪيو ويو آهي ڇوته سنڌ حڪومت ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته وزير بلديات مون سان گڏ آهي. ڪي ايم سي، ڊي ايم سي، مڪاني اداران سان گڏ هلون پيا. هن چيو ته وزير بلديات ۽ سندس ٽيم جيڪو ڪم ڪيو آهي واکاڻ لائق آهي. هن چيو ته سعدي ٽائون ۽ عباس ڳوٺ ۾ پاڻي جي صفائي واري ڪم ۾ سنڌ حڪومت جو عملو اڃان تائين سرگرم آهي، جنهن ۾ ڊي سي ڪراچي، لوڪل گورنمنٽ ۽ وزير بحاليات ممتاز جکراڻي پڻ شهر جو دورو ڪيو جتي جتي ضرورت هئي اتي ماڻهن کي سهولتون ڏنيون ويون. هن چيو ته برسات تمام گهڻي پئي، پر سنڌ حڪومت پنهنجي ذميداري کان پوئتي نه هٽي. نشيبي علائقن مان پاڻي ڪڍيو پيو وڃي. هن چيو ته ماضي ۾ ڏسنداسين ته خبر پوندي ته هتي ڪلفٽن ۾ روڊ بند ٿيڻ، شارع فيصل تي ڪابه گاڏي نه هلڻ، طارق ر وڊ ماڻهو وڃڻ کان نٽائيندا هئا، ابوالصفهاني روڊ، شارع پاڪستان ۽ ٻين سڀني جو حال جيڪو هيو تنهن جي سڀني کي خبر آهي. هاڻي اها صورتحال نه آهي سڀني علائقن کي ڪليئر ڪرايو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري صاحب جي خاص هدايتن تي وڏي وزير پنهنجي ڪابينه سميت صوبائي ميمبرن کي چيو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ڪراچي جي شهرين جي خدمت ڪيو ۽ برسات سٽيلن جون  جيڪي جيڪي تڪليفون آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته جن علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿيل آهي اتي ڪم هلي رهيو آهي انشاء الله اهي علائقا به جلد صاف ڪرايا ويندا.

اي پيپر