ڪراچي(م ڊ) وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته اسان ۲۰۱۳ع ۾ سڀني پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي ڪراچيءَ ۾ آپريشن شروع ڪيو سين، جنهن سبب هاڻي ڪراچيءَ جون حالتون پهريان کان بهتر آهن، پر اسان شهر ۾ مڪمل امن بحال ٿيڻ تائين سڪون سان نه ويهنداسين، گورنر هائوس ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيل (ن) ليگ جي مقامي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ تنظيمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي ن ليگ سنڌ جي اڳواڻن پاران وزير اعظم نواز شريف کي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جا تفصيل ڏنا ويا ۽ سنڌ جي مسئلن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اجلاس دوران وزير اعظم نواز شريف ڪراچي ۾ ٽريفڪ ۽ صفائي جي نظام تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ ترقي جي رفتار ۷۰ سيڪڙو تيز هجي ها ته اڄ ڪراچي ايشا جو شاندار شهر هجي ها، ڪراچي پر امن شهر هو، پر سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي، اسان ڪراچي کي ٻهير روشنين جو شهر بڻايوسين، اسان ۲۰۱۳ع ۾ سڀني پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي ڪراچي ۾ آپريشن شروع ڪيوسين، وزير اعظم چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، اسان صوبائي حڪومت جون ذميواريون به پاڻ ادا ڪيون آهن، موٽر وي واري منصوبي کي ۱۹۹۹ع ۾ روڪيو ويو هو، پر اسان ان منصوبي کي ۲۰۱۳ع ۾ ٻيهر شروع ڪيوسين، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر کان لاهور تائين موٽر وي تي ڪم جاري آهي، ڪراچي سرڪل ريلوي وارو منصوبو به سي پيڪ ۾ شامل ٿي چڪو آهي، ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ به وفاق صوبي کي ۵۰ سيڪڙو رقم ڏيندو.