ڪراچي، لياري ۾ مبينه مقابلي دوران گينگ وار جا 2 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اين اين آءِ)ڪراچي جي علائقي لياري ۾ مبينه مقابلي دوران گينگ وار جا ٻه رهزن مارجي ويا طاهروالا جي ويجهو گارڊ جي فائرنگ سان ڦورو مارجي ويو شهر جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم لنڊن جا مبينه ٽارگيٽ ڪلرز سميت 18 جوابدار پڪڙيا ويا تفصيل موجب لياري جي علائقي ڪلاڪوٽ ۾ رات جو مبينه مقابلي دوران گينگ وار جا 2 دهشتگرد مارجي ويا پوليس جي ذريعن موجب لياري جي علائقي ڪلاڪوٽ ۾ رات جي وقت ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو ان دوران جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻه جوابدار امين بلوچ عرف ڊيني ۽ عدنان بلوچ مارجي ويا پوليس موجب مارجي ويل جوابدار 6 ڏينهن اڳ ڪلاڪوٽ لاهوتي ميڊيڪل جي ويجهو دستي بم سان حملو ڪيو آهي حملي ۾ 17 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿيا هئا مارجي ويل جوابدارن کان هٿيار ۽ دستي بم ۽ منشيات به هٿ ڪئي ويئي انهن جو تعلق بابا لاڍلا گينگ سان ٻڌايو وڃي ٿو. سرجاني ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ڪيو ويو رينجرز ذريعن موجب گرفتار جوابدار هٿيارن جي وڪري ۾ ملوث آهي ڪلفٽن نيلم ڪالوني ۽ شاهه رسول ڪالوني ۾ پوليس سرچ آپريشن دوران 11 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو جڏهن ته گلشن اقبال ۽ شاهه فيصل ڪالوني مان پوليس پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *