ويلنگٽن ( م ڊ ) ڪرائسٽ چرچ سانحي جي سوڳ ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ نيوزيلينڊ جي سرڪاري ٽي وي ۽ ريڊيو تي اڄ سڌو سنئون جمعي جي آذان ۽ خطبو نشر ڪيو ويو جڏهن ته شهيدن جي ياد ۾ سڄي ملڪ ۾ ٻن منٽن جي خاموشي پڻ اختيار ڪئي وئي. نيوزيلينڊ ۾ مسلمانن سان ايڪي جو اظهار ڪرڻ لاءِ هزارين ماڻهو النور مسجد اڳيان هيگلي پارڪ ۾ گڏ ٿيا جنهن ۾ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊن به شرڪت ڪئي، وزيراعظم سميت ڪيئي غيرمسلم عورتن جا آذان جي احترام ۾ مٿا ڍڪيل هئا. سڄي ملڪ ۾ جمعي جي آذان کانپوءِ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ ڪرائسٽ چرچ سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي جنهن کانپوءِ جمعي جو خطبو ۽ نماز ادا ڪئي وئي. جمعي نماز کان اڳ هيگلي پارڪ پهچڻ تي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊن مختصر خطاب ۾ ايمان وارن جي هڪ جسم وانگر هئڻ بابت رسول صلي الله عليه وسلم جي حديت بيان ڪئي. جڏهن ته النور مسجد جي پيش امام جمعي جي خطبي ۾ بيان ڪيو ته اسلام امن ۽ محبت جو مذهب آهي جيڪو هڪٻئي جو خيال رکڻ ۽ ڪم اچڻ جو درس ڏئي ٿو. پيش امام جو چوڻ هو ته نيوزيلينڊ جي عوام محبت ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو، ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏينداسين ته هو اسان کي ورهائي، جيڪي ماڻهو شهيد ٿيا انهن جو انگ معمولي ناهي پر نيوزيلينڊ جي عوام طرفان ايڪي جو اظهار غيرمعمولي آهي. خطبي ۾ چيو ويو ته اهو سانحو نيوزيلينڊ لاءِ نئين زندگي ثابت ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته نيوزيلينڊ جي سوچ کي شيطاني نظرئي تحت نقصان پهچائڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي. النور مسجد جي پيش امام خطبو ڏيندي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته سندس محبت ۽ همدردي لاءِ اسان ٿورائتا آهيون، نيوزيلينڊ وزيراعظم ليڊرشپ سموري دنيا لاءِ هڪ سبق آهي. پيش امام پوليس ۽ ٻين اختيارين سميت ماڻهن کي قتل کان بچائڻ لاءِ گهرن جا دروازا کوليندڙن جا به ٿورا مڃيا.