اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان تازي صورتحال تي ڀارت جا جهاز ڪيرائڻ ۽ پائلٽ جي گرفتاري ياد ڏياريندي وارننگ ڏني آهي ته ڀارت ڪجهه به ڪرڻ کان اڳ 27 فيبروري کي ياد رکي.پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار بريفنگ جي دوران پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل والاريل ڪشمير جي معاملي کي ڀارت جي طرفان ان جو اندروني معاملو قرار ڏيڻ واري موقف کي رد ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت جي هڪطرفي قدمن کي رد ڪريون ٿا. ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۾ موجود آهي. ان مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. پاڪستان ڪشميرين سان اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.هن چيو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال انتهائي خراب آهي. اسلام آباد ۾ سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر ملڪن کي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. عالمي برادري والاريل ڪشمير جي صورتحال جو نوٽيس وٺي. ڊاڪٽر فيصل ٻڌايو ته پاڪستان پنهنجو هاءِ ڪمشنر ڀارت ناهي موڪلي رهيو. ڪرتاپور راهداري بابت سوال تي ترجمان اعلان ڪيو ته راهداري منصوبو جاري رهندو. پاڪستان سمورن مذهبن جو احترام ڪري ٿو.هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاڪستان جي طرفان ڀارت جا جهاز ڪيرائڻ ۽ پائلٽ جي گرفتاري ياد ڏياريندي ڀارت کي پيغام ڏنو ته اسان مسلمان آهيون، اسان کي ڪنهن شيءَ کان خوف ناهي هوندو. خوف جو لفظ اسان جي لغت ۾ ئي ناهي. ڪجهه به ڪرڻ کان پهرين 27 فيبروري کي ياد رکيو وڃي.