لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته اسان ڪجهه ڏينهن ۾ لاهور اچي رهيا آهيون، ميان صاحب قدم وڌائي ڇڏيو آهي، قوم سندس پويان بيٺل آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته قرباني اسان ڏينداسين ۽ صلو پاڪستاني عوام کي ملندو، فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهيون، ڪاميابي جلد ٿيندي. هن چيو ته نواز شريف پهريون ليڊر آهي جيڪو سزا ڀوڳڻ لاءِ پاڪستان وڃي رهيو آهي، نواز شريف جيڪي قربانيون ڏنيون اهي ڪنهن نه ڏنيون آهن. سندس چوڻ هو ته ميان صاحب قدم وڌائي ڇڏيو آهي قوم سندس پويان بيٺل آهي. مريم نواز چيو ته سزا ليڊر سياسي ٻڌي ڀڄي ويندا آهن، اسان واپس وڃي رهيا آهيون.