ڪجهه پي ٽي آءِ ۽ انجي اتحادين حمايت جي خاطري ڪرائي آهي: بلاول

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ هن جي اتحادي پارٽين جي ڪجهه ميمبرن سينيٽ چونڊن ۾ حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.خانگي ٽي وي چينل سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته سينيٽ اليڪشن بابت ايم ڪيو ايم سان اسان جا رابطا آهن، ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻين پارٽين سان به رابطي ۾ آهيون ۽ هنن جي ڪجهه ميمبرن حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.هن چيو ته سياسي پارٽين سان رابطا اسان جو حق آهي ۽ اسان آخري وقت تائين سمورين پارٽين سان رابطا رکنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *