لاهور(م د) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته پٺاڻ اسان جا ڀائر آهن، انهن کي پنجاب ۾ رهڻ جو مڪمل حق حاصل آهي، لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۽ خيبرپختون خواهه ۾ ڪجهه نام نهاد سياسي ليڊر پنجاب خلاف نفرت ڦهلائي رهيا آهن ۽ پنجاب جي ترقي جي خوف کان پنهنجي نااهلي لڪائي رهيا آهن ۽ ان ئي نااهلي جي سياست جي ڪري اڄ سنڌ ۽ خيبرپختون خواهه ۾ هر معاملي کي پنجاب سان جوڙيو وڃي ٿو، پي ٽي آءِ ڪي پي ڪي ۽ پ پ سنڌ ۾ بي مقصد سياست ڪري رهي آهي ۽ اهي ٻئي پارٽيون ڪرپشن جي ڪري عوام ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺيون آهن، راڻا ثناءَ الله چيو ته سيڪيورٽي خدشا پنجاب نه پر پوري پاڪستان ۾ آهن، اسان کي گڏ ٿي ڪري دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، پوري قوم جي خواش آهي ته پي ايس ايل جو فائينل لاهور ۾ ٿئي، اهڙي فيصلي کي چريائپ چوڻ حقيقت ۾ عمران خان جي پنهنجي چريو هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي، اسان لاهور ۾ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پي ايس ايل جو فائينل لاهور ۾ ئي ٿيندو ۽ ان لاءِ فول پروف سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ڇڏيو آهي.