ڪجهه ماڻهن جي وڏي خواهش آهي ته منهنجا فوج سان لاڳاپا خراب ٿين: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو): وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن جي وڏي خواهش آهي ته منهنجا فوج سان لاڳاپا خراب ٿين پر اڄ تائين فوج سان تڪرار جو ڪو ڪارڻ ناهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڪي آثار آهن.وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ۽ گهرو معاملن تي عسڪري قيادت سان کليل نموني ڳالهه ٿيندي آهي. پرڏيهي ۽ گهرو معاملن تي سڀئي فيصلا ملڪي مفاد ۾ اتفاق راءِ سان ڪيا ويندا آهن.هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار هر وڏو فيصلو ڪرڻ وقت رابطي ۾ هوندو آهي، هن جهانگير ترين بابت چيو ته ان جي مستقبل جو فيصلو لاڳاپيل ادارا تحقيقات جي صورت ۾ ڪندا.سعودي عرب بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته سعودي عرب سان لاڳاپا معمول موجب سٺي انداز ۾ اڳيان وڌي رهيا آهن.اسان جو شروع کان وٺي موقف رهيو آهي ته ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ بڻائينداسين ۽ لٽيل پئسو واپس آڻينداسين.اپوزيشن جماعتون پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن پر اسان انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *